ٻگهيو سرور نواز

ٻگهيو سرور نواز

سرور نواز ٻگهيو

سرور نواز ٻگهيو: شاعر ۽ ليکڪ سرور نواز ٻگهيي جو اصل نالو ڄام نندو ولد علي نواز ٻگهيو هو. هن 15 جولائي 1948ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم سيتاروڊ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان ڪئي. انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان، جڏهن ته بي. ايڊ، ايم. ايڊ، ايم. اي. (سنڌي)، ايم. اي. (انگلش) ۽ ايل ايل بي جا امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيا. سرور نواز لکڻ جي شروعات 1962ع کان ڪئي، سندس پھرين لکڻي روزاني عبرت جي ’ٻاراڻي صفحي‘ ۾شايع ٿي. محسن ڪڪڙائي ۽ مرحوم آثم ناٿن شاهي شاعريءَ ۾ سندس استاد هئا. سرور نواز ٻگهيو زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي، بزمِ روح رهاڻ، بزمِ مھراڻ ادب، استاد بخاري ادبي فورم، شاهه لطيف علمي ادبي مرڪز، ثقافتي ادبي سنگت ۽ سنڌ ڪلچرل فورم سان لاڳاپيل هو. هن ڪوٽڙيءَ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي ۽ ادبي ڪانفرنسون ۽ سنڌ سطح جا مشاعرا ڪرايا. تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه عرصو وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’تو ئي بڻايو قلمڪار‘ (قلندر شھباز ۽ شاهه عبداللطيف بابت مقالا ۽ مضمون، 2020ع)، ’اڀُر چنڊ پس پرين‘ (شاعري: 2019ع)، ’قلندر پاڪ جي سنڌيءَ ۾ شاعري‘ (قلندر شھباز جي فارسي غزلن جو منظوم ترجمو: 2021ع)، ’ڪارونجهر جا مور‘ (ٻارن جي شاعري)، ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ (شاعري)، ’غزل جي دنيا‘ (شاعري) ۽ ’ذاڪر اهلبيت عليھم السلام قبلا مرزا شاهجھان بيگ‘ (سوانح) شامل آهن. سرور نواز 18 اپريل 2023ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ سرور نواز ٻگهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو